غلام قادر پليجو

غلام قادر پليجو

پليجو غلام قادر

پليجو، غلام قادر: مشهور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ غلام قادر پليجو، علي محمد پليجي جو فرزند ۽ نامياري سياستدان رسول بخش پليجي جو ننڍو ڀاءُ آهي. هن 16 آگسٽ 1948ع تي ڳوٺ منگر خان (جنگشاهي، ضلعي ٺٽي) ۾ جنم ورتو. هن جنگشاهي ۽ ٺٽي مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٽنڊي ڄـام يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪئي.
غلام قادر پليجي 1991ع ڌاري ڪجهه سنڌي نامور دانشورن- سراج ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ فقير محمد لاشاريءَ سان گڏجي سنڌي اخبارجاڳو‘ شروع ڪئي. هن اخبار ۽ ان جي ايڊيٽرن، خاص ڪري ف. م. لاشاريءَ، سنڌي سماج ۾ قومي ۽ طبقاتي مسئلن جي شعور کي عام ڪرڻ ۽ سنڌي قوم جا مسئلا جرئت سان حڪومتي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
غلام قادر پليجي جو ٺٽي ضلعي جي بااثر شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ابتدا ۾ پنهنجي ڀاءُ رسول بخش پليجي سان گڏجي سياست ۾ حصو ورتو. ضياءَ الحق جي دور ۾ ٻه دفعا جيل وڃي چڪو آهي. غلام قادر پليجو 1992ع ڌاري پيپلز پارٽيءَ ۾شامل ٿيو ۽ 1993ع ۽ 1997ع جي صوبائي چونڊن ۾ ساڪري- گهوڙاٻاريءَ واري تڪ مان به ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هن جي گهر واري اختر بلوچ (جيجي زرينه جي اڳ ڄائي ڌيءَ)، اُها پهرين نوجوان سنڌي عورت هئي، جيڪا ونيونٽ مخالف تحريڪ دوران جيل وئي ۽ هن جيل ڊائري لکي، جيڪا ’قيدياڻيءَ جي ڊائري‘ عنوان سان سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڇپجي چڪي آهي. غلام قادر پليجي جي نياڻي محترمه سسئي پليجو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي سرگرم وزير رهي. غلام قادر پليجي جو سنڌ جي ثقافت، سماجيات ۽ تاريخ سان گهرو لڳاءُ رهيو آهي. سندس شمار ٺٽي ضلعي جي نه رڳو بااثر شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، پر ساڳئي وقت هو علم دوست ۽ روشن خيال شخص به آهي. جنهن پنهنجي ٽِن نياڻين: سسئي، بختاور ۽ پرهه کي پڙهائيءَ لاءِ آمريڪا موڪلي، اُن فرسوده سوچ کي ٽوڙيو، جيڪا سنڌي عورت کي گهر جي چوديواريءَ تائين محدود رکيو ويٺي آهي. هن جا ٻه فرزند سرمد لطيف پليجو ۽ اسد پليجو به ٻاهران تعليم حاصل ڪري آيا آهن، جن مان اسد لطيف پليجي، قانون (Law) ۾ بئريسٽري ڪئي آهي، جڏهن ته سرمد پليجي باسٽن يونيورسٽي آمريڪا مان ايڪانامڪس ۽ انٽرنيشنل رليشنس ۾ ڊبل ميجر (Double Major) ڪئي آهي. هن وقت هُن جي ڪراچيءَ ۾ خانگي ميڊيا ڪمپني (ريڊيو اسٽيشن) آهي.
غلام قادر پليجو مهمان نواز ۽ دوست نواز شخص آهي. هو پيشي جي لحاظ کان زميندار ۽ ٺيڪيدار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.08.16  عيسوي

غلام قادر پليجي 16 آگسٽ 1948ع تي ڳوٺ منگر خان (جنگشاهي، ضلعي ٺٽي) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشعري
عبدالغفار صابري
ثابت بن قيس
آغا عبدالحميد خان
سھراب سومرو
جتوئي مولوي نذير حسين جلالي
صلاح الدين شاهه
سهراب خان سرڪي ڊاڪٽر
سيد محمد مراد شاهه
عبد بن حميد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون